تنوير چئي

تنوير چئي

تنوير چئي

تنوير چئي (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي نامور ۽ سٻاجهي شاعر تنوير عباسي جي شاعريءَ جو ڪُليات آهي، جنهن ۾ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جا چار ڪتاب ۽ ان سان گڏ سندس اڻ ڇپيل شاعري شامل آهي. جهڙوڪ: (1) ”رڳون ٿيون رباب“ کان اڳ (1950ع کان 1970ع تائين) جي شاعري، (2) رڳون ٿيون رباب (1955ع کان 1958ع تائين)، (3) شعر (1959ع کان 1970ع تائين)، (4) سج تريءَ هيٺان (1971ع کان 1977ع تائين)، (5) هيءَ ڌرتي (1977ع کان 1985ع تائين جي شاعري). هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جون تقريباً سڀئي صنفون شامل آهن. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڊسمبر 1989ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان، 536 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي .


لفظ تنوير چئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو